ديوان قليچ

ديوان قليچ

ديوان قليچ

ديوان قليچ (ڪتاب): شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي غزلن جو مجموعو ’ديوان قليچ‘، سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم ديوان آهي، جيڪو مرزا قليچ بيگ 1928ع ۾ ترتيب ڏنو هو. ’ديوان قليچ‘ جي مختصر ديباچي ۾ خود مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته: ”سنڌي ديوان هن کان اڳي گهڻيئي لکيا ويا آهن ۽ ڪي ڇپيا به آهن. منهنجا سنڌي غزل اگرچه منهنجن گهڻن ڪتابن ۾ ڏنل آهن، تڏهن به هڪڙي ئي هنڌ ديوان جي صورت ۾ لکيل يا ڇاپيل نه هئا، اُنهيءَ لاءِ، ڪن دوستن اهڙي ديوان جي طلب ڪئي؛ تنهنڪري سڀ پراڻا توڙي نوان غزل گڏي، هن ڪتاب ۾ ڏنا اٿم ۽ تنهنڪري الف ب وار رديف موجب لکيا اٿم. ڪن نج سنڌي اکرن وارن رديفن تي غزل اڳي لکيل نه هئا، تنهنڪري هر هڪ اهڙي رديف جو هڪ ٻه غزل شامل ڪيو ويو آهي.“
مرزا قليچ بيگ جا هي غزل عشقي، اخلاقي، تاريخي وغيره مضمونن تي لکيل آهن ۽ هر غزل جي مٿان موضوع جو سرو ڏنو ويو آهي. فارسي ديوانن ۾ قصيدا اڪثر پڇاڙيءَ ۾ ڏنا ويندا آهن، پر قليچ بيگ اهي غزلن سان گڏ رکيا آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مضمونن جون الف ب وار يادداشتون به ڏنيون ويون آهن. ديوان قليچ تي تفصيلي مقدمو سندس فرزند اجمل بيگ مرزا لکيو آهي، جنهن ۾ قليچ بيگ جي زندگيءَ جي ابتدائي حالات، سنڌي شعر ۽ شاعري، ڪلام ۾ سلاست ۽ رواني، استفاده ۽ قوت اخذه، قليچ جي شاعريءَ جا ٽي دؤر، غزليات، عشقيه غزل، تصوف، اخلاقيات، نفسانيات، دنيا ۽ عقبيٰ بابت، منظر نظاري ۽ واقع نگاري، تلميحات، شوخي، ظرافت، لطيف طنز، هجو ۽ مدح، قنوطي شاعري ۽ دينيات جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي.
ديوان جي غزلن کان اڳ مرزا اجمل بيگ، ديوان قليچ جي تڪميل جـي قطعـه تاريـخ به لکي آهي. ان بعد الف کان ي رديف تائيـن تـرتيـبوار غزل شامل ڪيا ويا آهن، جن جو انگ 480 آهي. آخر ۾ شيخ ابراهيم خليل، ديـن محمـد ’اديـب‘، احـمـد خـان آصـف مـصـراڻي، حافظ محمد احسـن چنا، رشيد احمد لاشاري، حاجي حقير ابن مڱڻ ۽ همايون مرزا ’فائق‘ جا قطعه تاريخ ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 426 صفحن تي مشتمل ’ديوان قليچ‘ جو پهريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن جي قيمت صرف ست روپيا آهي. ديوان قليچ جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻئي ڇاپي جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ ديوان قليچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو